ڏاهي مَ ٿيان

ڏاهي مَ ٿيان

ڏاهي مَ ٿيان

ڏاهي مَ ٿيان (ڪتاب): هي ڪتاب برک ليکڪا پوپٽي هيراننداڻيءَ جي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن جو مهاڳ پوپٽي هيراننداڻيءَ لکيو آهي. پوپٽي هيراننداڻيءَ ڪتاب جو مهاڳ ’اوڻويهين صدي ۽ هندستاني عورت‘ عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ هند جي عورت جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪا جا 22 مضمون شامل آهن، جن ۾: شاهه جو رسالو ۽ استري، ساهتيه ۽ سياست، اسان جو ورثو، ادب جي ميدان ۾ پهريون قدم رکندڙ، اَلا ڏاهي م ٿيان، اسان جو اوائلي ساهت، سڄڻ ۽ ساڻيهه، سنڌي ٻارها ماها ڏينهن، سنڌي گهوٽ، ولايت ۾ سنڌين جي نئين ٽهي، ٽئگور ۽ سندس رچنا گيتانجلي، سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ زندگي ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 140 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب هر گوبند فائونڊيشن جي مالي سهڪار سان، وشال انٽرپرائيزرس، الهاس نگر، جون 2001ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ ڏاهي مَ ٿيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو